
اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) عمران فاروق قتل ڪيس ۾ جوابدار خالد شميم کانپوءِ جوابدار محسن علي جو اعترافي بيان به سامهون اچي ويو آهي، خانگي چئنل موجب اعترافي بيان ۾ محسن علي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ عمران فاروق الطاف حسين جي جاءِ تي اچڻ پئي چاهيو، ان ڪري پارٽي جي قيادت کيس قتل ڪرايو، هن چيو ته عمران فاروق کي سوگهو ڪيم، ڪاشف سر ۽ ڇرين جا وار ڪري کيس قتل ڪيو، ڪراچي يونيورسٽي ۾ تعليم دوران ايم ڪيو ايم جي پراڻن ڪارڪنن ڪاشف ۽ خالد شميم سان ملاقات ٿي هئي، ڪاشف اڪثر چوندو هو ته عمران فاروق ايم ڪيو ايم جي باني جي جاءِ تي اچڻ گهري ٿو، توکي نه ٿو لڳي ته ان کي ماريو وڃي، هن چيو ته هڪ ڏينهن ڪاشف چيو ته مٿان کان حڪم مليو آهي ته عمران فاروق کي قتل ڪري ڇڏيو، لنڊن ۾ عمران فاروق جي ريڪي ڪرڻ جي ذميواري مون کي ڏني وئي، لنڊن اڪيڊمي آف مئنيجمينٽ ۾ داخلا به ڪرائي وئي، لنڊن ۾ عمران فاروق جي گهر ڀرسان رهائش اختيار ڪئي ۽ ڪاشف کي عمران فاروق جي اچڻ وڃڻ جي وقت کان آگاهه ڪيو، ون پائونڊ شاپ مان بورچي خاني ۾ استعمال ٿيندڙ ڇرين جو سيٽ خريد ڪيم، ڪاشف اهي ڇريون عمران فاروق جي گهر جي باغ ۾ لڪايون، 15 سيپٽمبر تي ڪاشف چيو ته اسان کي اهو ڪم سڀاڻي ڪرڻو آهي ته جيئن 17 سيپٽمبر تي قائد الطاف حسين کي سالگرهه جو تحفو ڏنو وڃي، 16 سيپٽمبر تي عمران فاروق جو پيڇو ڪري کيس قابو ڪيو، ڪاشف باغ مان ڇري ڪڍي ۽ عمران فاروق جي باغ مان سر کڻي ان جي مٿي تي وار ڪيو ۽ پوءِ ڇاتي ۽ پيٽ تي ڇري جا وار ڪيا، اسان واقعي کانپوءِ ڇري ويجهو واري ڊسٽ بن ۾ اڇلائي پنهنجي گهر هليا وياسين، واردات کانپوءِ ڪاشف خالد شميم کي فون ڪري ٻڌايو ته مامي جو صبح ٿي ويو، مامو عمران فاروق جو ڪوڊ وارو نالو هو، جيڪو ڪاشف مون کي ٻڌايو هو
|
No comments:
Post a Comment