ڀارتي سپريم ڪورٽ ڪاري هرڻ جو شڪار ڪرڻ واري ڪيس مان اداڪار سلمان خان جي بريت خلاف راجستان حڪومت طرفان داخل اپيل کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتو آهي،


نئين دهلي (ڪلچرل رپورٽ) ڀارتي سپريم ڪورٽ ڪاري هرڻ جو شڪار ڪرڻ واري ڪيس مان اداڪار سلمان خان جي بريت خلاف راجستان حڪومت طرفان داخل اپيل کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتو آهي، چنڪارا هرڻ مارڻ واري ڪيس مان سلمان خان ڪجهه عرصو اڳ بري ٿي چڪو آهي، عدالت اپيل منظور ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا آهن ۽ جواب به طلب ڪيو آهي، راجستان هاءِ ڪورٽ سلمان خان کي هن ڪيس ۾ مليل سزا ختم ڪري بري ڪيو هو، وڪيلن جو چوڻ آهي ته هن ڪيس ۾ اڃا ڪيترائي اهڙا معاملا رهيل آهن، جيڪي عدالتن سامهون نه آيا آهن.

No comments:

Post a Comment